شبنم شبنم ڪنول ڪنول

شبنم شبنم ڪنول ڪنول

شبنم شبنم ڪنول ڪنول

شبنم شبنم ڪنول ڪنول (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مشهور ڪهاڻيڪار نسيم کرل جي افسانن جو مجموعو آهي. نسيم کرل جون هي ڪهاڻيون سندس ابتدائي عرصي جون لکيل آهن. هن مجموعي ۾ شامل افسانن ۾:
(1) ڪافر، (2) شبنم شبنم ڪنول ڪنول، (3) زماني جي گردش، (4) گٽس، (5) ڪچو رنگ، (6) گذريل واردات،(7) زر ۽ زور، (8) ڳڻ، (9) ڪني آڱر ۽ (10) ڀت شامل آهن. هي ڪهاڻي ڪتاب پهريون ڀيرو اداره ادب پاران 1976ع ۾ ڇپيو، جڏهن ته ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1978ع ۾ ورسٽي سنڌي پبليڪيشن، ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان شايع ڪيو ويو. ڪتاب جو ٽيون ڇاپو 2007ع ۾ پڻ شايع ٿيو آهي.
ڪرائون سائيز جو هيءُ ڪتاب ڪچي جلد ۽ 172 صفحن تي مشتمل آهي، جڏهن ته هن ڪتاب جي قيمت چاليهه روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو